اسرار لغاري

اسرار لغاري

اسرار لغاري

اسرار لغاري: ناميارو اداڪار اسرار لغاري 10 آڪٽوبر 1960ع تي تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حيدر علي لغاري علم، ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو ۽ سندس وڏيون خدمتون آهن. هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽر سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪئي. هن فني سفر جي شروعات 1979ع ۾ پي. ٽي. وي تان ڊرامي ’پئي ٿئي پائمال‘ کان ڪئي. جنهن جو ڊائريڪٽر بيدل مسرور هو. هن کي پي. ٽي. وي تي متعارف نواب مهدي ڪرايو، جيڪو اتي پروڊيوسر هو. هن پي. ٽي. وي تي سوَن جي تعداد ۾ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ڪيترائي مقبول پڻ ٿيا، جن ۾ امر جليل جو ڊرامو ’مٽي جا ماڻهو‘، علي بابا جو ڊرامو ’سون ورنيون دليون‘ شمشير الحيدري جو ڊرامو ’دوست پيهي در آيو‘ سان گڏ ’پڃرو ۽ پکي‘، ’پرڀات‘، ’گهرڀاتي‘ ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. نجي ٽي. وي چينلز اچڻ کانپوءِ اسرار لغاري انهن تي به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. جنهن ۾ سنڌ ٽي. وي جا ڊراما؛ ’بليڪ روز‘، ’پياسي ڌرتي‘، ’زمين‘، ’ڄميل رت‘، ’خالي فريم‘، ’خوشبو‘، ’شانتي‘، ’آواز‘، ’سونهن‘، ’خوشبو‘، ’رابيل‘، ’زرد موسم‘، ’ڪاروبار‘، ’ٽڪراءُ‘، ’سنڌياڻي‘، ’امڙ‘ مهراڻ ٽي. وي جا ڊراما: ’ڇانوَ‘، ’جيجل‘، ’درد جي موسم‘ وغيره شامل آهن. سنڌي ڊرامن سان گڏ هن اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي، جن ۾ جيو ٽي. وي جو ڊرامو ’ديا جلائي رکهنا‘ جيڪو 300 قسمن تي مشتمل هو، وغيره شامل آهن. اسرار لغاري ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ زمينداري به ڪري ٿو.


لفظ اسرار لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.10.10  عيسوي

ناميارو اداڪار اسرار لغاري 10 آڪٽوبر 1960ع تي تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنڊ نظير احمد
امام بخاري
پرمانند ڀنڊار
سيف الله خان مگسي
سارغون اول
پهلوان احسان سانڊاڻو
جميل الزمان جميل مخدوم
آر اي شاهه
بهمن
مظفر ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون